رڙي 2

رڙي (ٻيلو): ريونيو رڪارڊ موجب هي ٻيلو 12200 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي ڦهليل آهي ۽ مقامي زميندارن جي کئونس کان بچيل آهي. هن ٻيلي جو ڪجهه حصو ٽنڊي محمد خان ۽ ڪجهه حصو بدين ضلعن ۾ اچي ٿو. هتي مقامي وڻ ٻٻر، ڪنڊي ۽ باهڻ کانسواءِ بيدمشڪ ۽ ڪولوڪارپس (جنهن کي اٿوپيائي ساڳ چون ٿا) ۽ ٻيا ٻاهران گهرايل ڪافي وڻ پوکيل آهن. قدرتي ٻيلن مان هي ٻيلو هن وقت سنڌ جي خوبصورت ٻيلن ۾ شمار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو